مائڪرو سافٽ جنهنکي سافٽوير جائنٽ به چيو ويندو آهي، جنهنجا آپريٽنگ سسٽمز ۽ ٻيا سافٽويرز پوري دنيا ۾ استعمال ٿين ٿا، تازوئي مائڪرو سافٽ جو رليز ڪيل آپريٽنگ سسٽم ونڊوز وستا کي ناڪاميءَ جو منهن ڇو ڏسڻو پيو. ونڊوز وستا جي ناڪامي جا ڪهڙا سبب آهن. ونڊوز وستا جنهن لاءِ چيو ويو ته ونڊوز وستا هڪ اسٽينڊرڊ آپريٽنگ سسٽم ٿي ويندي ۽ پوين سڀ ونڊوز جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي. آخر اهن جو سبب ڇا آهي ته جڏهن به ڪ ووٽنگ ونڊوز وستا ۽ ونڊوز ايڪس پي جي وچ ۾ ڪرائي وڃي ته ان ۾ ونڊوز وستا جي ريٽنگ ايتري گھٽ ڇو ايندي آهي.
ان جو ڇا سبب آهي ته ونڊوز وستا جي رليز ٿيڻ جي پهرين هفتي ۾ ان جون صرف هڪ لک ۽ ڪجه هزار ڪاپيون وڪرو ٿيون، جڏهن ته ونڊوز ايڪس پي، ونڊوز 2000 ۽ ونڊوز 98 جون پهرين هفتي ۾ ٻن لکن کان وڌيڪ ڪاپيو وڪرو ٿيون.
ان جا سبب شايد هي آن ته جڏهن ونڊوز وستا رليز ڪئي وئي ته ان جا هڪ کان وڌيڪ قسم هيا جنهن ۾ ونڊوز وستا بيسڪ ايڊيشن، ونڊوز وستا هوم ايڊيشن ۽ ونڊوز وستا بزنس ايڊيشن. هڪ آپريٽنگ سسٽم جا ايڏا ايڊيشن! هر ايڊيشن جي پنهنجي خوبي هئي ۽ پنهنجي خامي به هئي. ان ڳاله جو شايد مائڪرو سافٽ کي جلدي احساس ٿيو ۽ مائڪرو سافٽ ونڊوز وستا جو هڪ الٽيميٽ ايڊيشن رليز ڪيو.
پر اڃا به ڪو ٻيو مسعلو هو جنهنجي ڪري ونڊوز وستا ايڏي مقبول نه ٿي ۽ اهو هارڊوير هو. ونڊوز وستا هلائڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ پينٽيم فور 2.0GHz ۽ 512Mb ريم جي آهي. ان جو مطلب جنهنجو سسٽم انکان گھٽ آهي اهو ونڊوز وستا نه پيو هلائي سگھي. هارڊوير جي ايڏي وڏي رڪائرمنٽ هي ونڊوز وستا جي ناڪامي جو سبب بڻي.
هاڻي ڏسڻو هي آهي ته ڇا مائڪرو سافٽ پنهنجي انيدڙ آپريٽنگ سسٽم جنهنکي ونڊوز 7 سڏيو ٿووڃي جيڪو 2010۾ رليز ڪيو ويندو، ان ۾ ونڊوز وستا واريون غلطيون دهرائيندو يا نه.